اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي جي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ تڪرار?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، داعش، ايسٽ ترڪمانستان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده ج??ڙن ٻين دهشتگرد گروپ?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضر??رت آهي، افغانستان ۾ انساني الميي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسا?? کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ ??نت??اپسندي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسا?? کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ افتتاحي سيش?? کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير چيو ته اسا?? کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ، ??نت??اپسندي جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاو?? کي فروغ ڏيڻ پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسا?? کي دنيا ۾ اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت دنيا جي سمورن تڪرارن مان 60 سيڪڙو کان ??ڌيڪ رڳو مسلمان ??لڪن ۾ موجود آهن، يمن، شام کان صوماليه تائين مختلف جايون تڪرارن جو شڪار آهن، دنيا ۾ ٻه ڀاڱي پناهگير شام، ميانمار، صوماليه، افغانستان ??ان اچي رهيا آهن، اسا?? کي اندروني انتشار ۽ چئلينجنز تي ضابطو آڻڻو پوندو، مسلمان امت جي لاءِ هي وقت آهي ته اها پنهنجي سرحدن جي اندر موجود شورشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري، اسا?? کي پوري دنيا ۾ اتهاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي پر جارحيت يا ڏاڍ ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏيڻ گهرجي.