اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽ?? اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وزير ق??م?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ ق??م?? اسيمبلي جي ??جل??س جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ ??جل??س جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ??ڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري کانپوءِ قوم?? اسيمبلي ج?? اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.