اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب چيو آهي ته چونڊن جو گهنڊ وڄي چڪو آهي، چورن جو ٽولو هڪ چونڊ نشان وٺي جيڪو چونڊ نشان اهي وٺندا اسان ان جو مقابلو ڪنداسين، ??اڪ??تان جي عوام فيصلو ڪري ويٺي آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، فرخ حبيب چيو ت?? ??اڪ??تان جي عوام کي فقير بڻايو ويو، ماڻهو پنهنجي پيٽ تي پٿر ٻڌڻ لاءِ تيار آهن، پر ??اڪ??تان جي عوام فقير نه آهي، هن چيو ت?? قومي اسيمبلي جي سلامتي ڪميٽي کان اهي ماڻهو ڇو ڀڳا هئا، جڏهن پارليامينٽ ۾ خط کڻي وياسين ته اهي اتان کان ڇو ڀڳا هئا. مخالف ڌر ??اڪ??تان جي جمهوري نظام جو مذاق اڏايو آهي، فرخ حبيب چيو ت?? آرٽيڪل 6 کان پهرين آرٽيڪل 5 موجود آهي، س??ريم ڪورٽ ۾ هن وقت ??اڪ??تان جي اهم ڪيس جي ٻڌڻي جاري آهي جيڪو فيصلو ايندو ان جو احترام ڪنداسين. هن چيو ت?? مخالف ڌر وارن کي وڏي وزير ۽ وزيراعظم بڻجڻ جو ت??ام گهڻو شوق آهي، ??اڪ??تان جي عوام فيصلو ڪري چڪي آهي، چورن جو ٽولو هڪ چونڊ نشان وٺي جيڪو به چونڊ نشان اهي وٺندا اسان ان جو مقابلو ڪنداسين، ايندڙ چونڊن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان هوندو.