اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ملاقات ڪئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان جي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وزي??اع??م شهباز شريف پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئي. وزي??اع??م اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ??يڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، وزيراعظم ??نهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ??اڪستان آمريڪا لاڳاپن کي سگهه ??يڻ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو جنهن سان خطو پنهنجي اقتصادي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهي ۽ سماجي ترقي کي فروغ ڏئي سگهي. وزي??اع??م ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ترقي تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهي ٿو. وزيراعظم ??ڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ??يڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ڪانگريس ميمبر الهان عمر وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس جي عورت ميمبر الهان عمر 20 کان 24 اپريل 2022ع ت??ئي?? پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيادت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄ??ون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندي ته جيئن پاڪستان جي ثقافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي سگهي.