اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فيڪ نيوز پي ٽي آءِ جي سُڃاڻپ ۽ ڪوڙ سندن وطيرو آهي، اڳوڻي و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين ٽوئيٽ ڪرڻ کان اڳ اهو ته ڄاڻي وٺي ته ڪو به صحافي سرڪاري خرچ تي وزي??اع??م سان گڏ سعودي عرب جي دوري تي نه وڃي رهيو آهي، وزي??اع??م شهباز شريف به ذاتي خرچ تي سعودي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. اڳوڻي اطلاعات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين جي ٽوئيت تي ردعمل ج?? اظهار ڪندي مريم اورنگزيب يچو ته اڳوڻي و??اق?? وزير کي صحافين جي خلاف واحيات بيان ڏيندي شرم اچڻ گهرجي، ڪو به صحافي سرڪاري خرچ تي وزي??اع??م سان گڏ سعودي عرب جي دوري تي نه وڃي رهيو آهي، وزي??اع??م شهباز شريف به ڪمرشل اڏام ذريعي پنهنجي ذاتي خرچ تي سعودي عرب وڃي رهيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف بطور پجاب جي وڏي وزير 10 سال تائين ٻاهرئين ملڪ سفر جا خرچ ذاتي کيسي مان ڪندو رهيو آهي پر سچائي ۽ پي ٽي آءِ ٻه متضاد شيون آهن. ميڊيا پي ٽي آءِ تي احسان ڪيو هو عمران خان چار سال پنهنجي شر کان ميڊيا کي ان جو خوب بدلو ڏنو. هن چيو ته اهي ماڻهو جڏهن اقتدار ۾ هئا ته چينل، پروگرام ۽ ڪالم بند ڪرايا ويندا ۽ صحافين جون پاسراٽيُون ٽوڙيون وينديون هيون، اقتدار مان رسوا ٿي نڪرڻ کانپوءِ هاڻي الزامن جون گوليون هلائي رهيا آهن. هن چيو ته ڪڏهن صحافين کي سازش ۾ ملوث ڪريو ٿا ته ڪڏهن دورن جا ڪوڙا ٽوئيٽ هلايو ٿا. هن چيو ته جيڪي چار سالن ۾ عوام جو اٽو، کنڊ، دوائون، روزگار، معيشت، بجلي، تيل گئس سڀ ڪجهه کائي ويا، انهن کي صحافين جي کاڌي تي تڪليف ٿي رهي آهي. هن چيو ته هڪ ٽوئيٽ توشه ??اني جي گهڙيءَ، هار ۽ مُنڊين تي به ڪري ڇڏيو پر ان جي لاءِ ضمير جو جاڳڻ شرط آهي. مريم اورنگزيب چيو ته چار سال عمران صاحب ڪفايت شعاري جو جيڪو ڊرامو ڪيو، اهو اڄ تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ مالي خساري جي شڪل ۾ سڀني جي سامهون آهي، ان لاءِ پنهنجا ليڪچر پاڻ وٽ رکو. هن چيو ته مينهن جي نيلامي، بيضن، مرغين، پاڏن جا تماشا ڪندڙ ڪوڙ جو دڪان هلائڻ بند ڪريو.