ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آ??ي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آ??ي، صوبي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ??رج??حي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، ??وا??زاده شاهه زين بگٽي، اسرار ترين، بلوچستان جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، بلوچستان جو وڏو وز??ر مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي توهان جي خدمت حاضر ٿيو آهيان، الله تعاليٰ بلوچستان کي بي حساب قدرتي وسيلن سان ??وا??يو آهي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آ??ي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آ??ي، جڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ته اسان اين ايف سي ۾ بلوچستان جي لاءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آ??ي، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، تاريخ گواهه آ??ي، بلوچستان جي ماڻهن جون ملڪ جي لاءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي پاڻي جي مسئلن کي ??رج??حي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، الله تعاليٰ اسان کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي جي لاءِ مون کي توهان سڀني جو تعاون به گهربل آ??ي، اسان سڀني کي گڏجي بلوچستان جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.