اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يوم تڪبير ” نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين“ جو عنوان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جوهري ڌماڪن جا 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن جون تقريبون ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته قيام پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير قومي جذبي سان ملهايو وڃي. وزيراعظم وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ??ي حڪومتن سا?? گڏجي تقريبن جي انعقاد جي هدايت ڪئي آهي، يوم تڪبير تي قومي تقريبون ملهائڻ جو آغاز 19 مئي کان ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته 28 مئي 1998ع قومي افتخار ۽ پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي خاطر ڪڏهن نه جهڪڻ جي عظيم تاريخ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستا?? کي ايٽمي قوت بڻايو هو، هاڻي معاشي قوت بڻائينداسين، هي اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود دفاع وط?? کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قوم جو سر فخر مان بلند ڪيو. هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي يوم تڪبير جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، تعليمي ادارن، شاگردن ۽ نوجوان?? کي خاص طور تي انهن تقريبن جو حصو بڻايو ويندو، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سمورين سياسي پارٽين، وڪيلن، ڊاڪٽر ميڊيا، پورهيتن، سول سوسائيٽي تنظيمن سميت معاشري جي سمورن طبق?? کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان قومي ڏينه?? کي قومي جذبي سان ملهائي، اهو ڏينهن قوم جي بي مثال اتحاد، يڪجهتي ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينه?? کي انهي انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته يوم تڪبير لاءِ خصوصي نشر??ات?? پروگرامز ۽ تحريرن جي اهتمام سان ان قومي ڏينهن جي تقريبن ۾ پنهنجو حصو وجهي.