اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ترڪي سان واپار، معيشت، توانائي، بنيادي ڍانچي، اي ڪامرس ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ??لڪن جو موجوده واپاري ماپو حقيقي سگهه سان هڪجهڙائي نٿو سگهي، پاڪستان ۾ پُرڪشش منافعي سان سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ٻئي ملڪ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اترين قبرص سميت بنيادي قومي مفاد جي سڀني معاملن تي هڪٻئ?? جي حمايت ڪندا آهن، پاڪستان جا آمريڪا سان ڊگهي ??دي ۽ ڊگهي بنياد وارا لاڳاپا آهن، آمريڪا پاڪستان لاءِ وڏي برآمدي مارڪيٽ ۽ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جو وڏو ذريعو آهي، سي پيڪ جو هڪ اهم محور پاڪستان جي صنعتي ترقي آهي، ٻطرفي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي غير قانوني هڪطرفي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ڀارتي بربريت ۽ ڪشميري عوام جي بنيادي خودمختياري واري حق کان مسلسل انڪار جي ڪري واپاري محاذ تي اڳڀرائي مشڪل آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحال?? جي مسئل?? جي حل لاءِ دنيا کي پنهنجي ذميداري پوري ڪرڻ گهرجي، پاڻ ڀاڙڻ واري اصول کي حاصل ڪرڻ، سياسي استحڪام، بدحالي جو شڪار معيشت جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، اڳوڻي حڪومت جي غلط فيصلن جي قيمت اسان کي ڀرڻي پئجي رهي آهي، آءِ ايم ايف سان قسط جي جاري ڪرڻ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ عالمي مارڪيٽ جو اعتماد بحال ۽ غير ملڪي پرڏيهي ??اڻ?? جي ذخيرن تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ?? جي دوري تي وڃڻ کان اڳ اناطوليا نيوز ايجنسي کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۽ ??رڪي جا مثالي لاڳاپا آه?? ۽ ??هي تاريخي لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت، لثاني رابطن جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ سياسي تبديلين کان آزاد آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آه?? ۽ ??نهن گذريل ساڍا 7 ڏهاڪن ۾ ٻنهي ??لڪن هڪٻئي جو سدائين ساٿ ڏنو آهي. پاڪستا?? ۽ ??رڪي ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اترين قبرص سميت بنيادي قومي مفاد جي سڀني معاملن هڪٻئ?? جي حمايت ڪندا آهن، وزيراعظم چيو ته هو تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير تي ترڪي ۽ خاص طور تي ان جي قيادت جي اصولي حمايت تي ٿورو ادا ڪندو، پاڪستا?? ۽ ??رڪ?? جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙا خيال آهن ۽ ٻطرفي علائقائي ۽ گهڻ طرفي فورم تي ٻنه?? جي وچ ۾ ويجهو تعاون آهي، عوام جي سطح تي ثقافتي رابطا فروغ وٺي رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي اسان اقتصادي تعاون تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ واپار جو موجوده ماپو اسان جي بهترين لاڳاپن جي اڃان تائين سهي عڪاسي ناهي ڪندو، ان سلسلي ۾ ٻنهي ??لڪن لاءِ وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم چيو ته دوري دوران هو ترڪ?? جي مشهور ڪاروباري ڪمپنين جي عملدارن سان ملاقاتون ڪندو جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ توانائي، بنيادي ڍانچي، اي ڪامرس، ميونسپل زرعي انڊسٽري ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۾ موجود وسيع موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي، هن چيو ته 22 ڪروڙ کان وڌيڪ جي آبادي واري ملڪ پاڪستان ۾ اسرندڙ وچولي طبقي سان سيڙپڪارن لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڏي صارف مارڪيٽ موجود آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش موقعن سان گڏ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستا?? ۽ ??مريڪا جي وچ ۾ گڏيل مفاد جي مختلف شعبن ۾ ڊگهي ??دي ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته اسان جي وچ ۾ مسلسل تعميري رابطن سان علائقي ۾ ام?? ۽ ??لامتي ۽ ترقي کي فروغ ملي سگهي ??و، هن چيو ته اسان آمريڪا سان پنهنجا رابطا مضبوط ۽ وسيع ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪي پاڪستان لاءِ وڏي برآمدي مارڪيٽ ۽ سڌو سنئو?? ۽ ??ير ملڪي سيڙپڪاري ۽ مٽاسٽا ناڻي جو هڪ وڏو ذريعو آهي، ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلي، صحت، توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڳالهيون ڪيون آهن جيڪي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. امريڪا جون ڪجهه ڪمپنيون پاڪستان ۾ تمام سٺو ڪم ڪري رهيون آهن اسان پاڪستان جي پرڪشش مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ واپاري لاڳاپا خاص طور تي آءِ ٽ?? جي شعب?? جي ترقي لاءِ وڏي آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪار?? جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا. هن چيو ته هلندڙ سال پاڪستا?? ۽ ??مريڪا پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، سي پيڪ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو تحت رابطو ۽ تعاون منهنجي حڪومت جي ترجيحن ۽ هڪ پرام?? ۽ ??وشحال خطي لاءِ پاڪستان جي ويزن جي عين موجب آهي. پاڪستان چين جي صدر شي چن پنگ جي ويزن جي طور تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي عملي رابطي، مالي تعاون، واپار جي سهولت، پاليسي مشاورت ۽ عوام جي سطح تي رابطن جي بي آر آءِ جي پنج نقطن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. سي پيڪ اعليٰ معيار جي ترق?? جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ ان سان بيلٽ اينڊ روڊ تعاون جي ذريعي پاڪستان کي صنعتي ۽ اقتصادي طور تي جديد بڻائڻ جو عمل تيز ٿيندو. هن چيو ته ان گڏيل مقصد جي ڪاميابي لاءِ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچ?? جي ترق?? جي عمل کي برقرار رکي، اقتصادي سرگرمين ۾ اضافي سان گڏوگڏ مسلسل پاليسي، حمايت جي ذريعي ڪاروباري ماحول کي گڏجي بهتر بڻائڻ گهرجي. اسان ريلوي، ايم ايل ون تي اڳڀرائي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪنداسين اهو منصوبو پاڪستان جي گهڻ رخي علائقائي رابطن جي ماڊل ويزن ۽ ڪجهه ٻين وڏن منصوبن لاءِ اسٽريٽجي اهميت وارو منصوبو آهي، هن چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ روڊ?? ۽ ??وانائ?? جي بنيادي ڍانچي ۾ چين جي سيڙپڪاري سان بجل?? جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ، پيداواري مرڪزن کي منڊين سان ملائڻ ۾ مدد ملندي، هزارين مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آه?? ۽ ??لائقائي رابطي کي فروغ مليو آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جو هڪ اهم محور پاڪستان جي صنعتي ترقي آهي، سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز تي ڪم جاري آهي، اسان اهم صنعتي شعبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري لاءِ مراعتون ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان ريلو?? جي بنيادي ڍانچ?? جي بهتري ۽ گوادر پورٽ مان مڪمل فائدي سميت سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جيو اسٽريٽجڪ کان جيو اڪنامڪس طرف گامزن آهي، اسان خاص طور تي خطي ۾ رابطي، اجتماعي ترقي ۽ خوشحال?? جي بنياد تي حصيداري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل فائديمند واپار سان تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي، جيتوڻيڪ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن تي پاڪستان اصولي موقف تيار ڪيو ۽ ٻطرفي سرگرمين جي هڪ حد تائين گهٽ ڪري ڇڏيو، اهو فيصلو ڀارت پاران ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ جي ڀارت جي غير منصفاڻي ۽ غلط پاليسين جي واضح مذمت جو عڪاس آهي، وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت سان صحتمند واپاري سرگرمين سان حاصل ٿيندڙ اقتصادي ثمرن کان آگاهه آهيون، جيتوڻيڪ ڪشميري عوام جي خلاف جاري ڀارتي بربريت، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ان جي بنيادي حق خودمختياري واري حق کان مسلسل انڪار جي ڪري سان اهو تصور ڪرڻ مشڪل آهي ته واپاري محاذ تي ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي ??ي، لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ۽ والاريل وادي تي غير قانوني قبضو برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ ورهاست ۽ آباد?? جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جا قدم روڪڻا پوندا. افغانستان جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته عبوري افغان حڪومت سان رابطا مرضي نه پر ضرورت جو معاملو آهي، دنيا افغان عوام کي اڪيلو نٿي ڇڏي سگهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحالي مسئل?? جي حل لاءِ دنيا کي پنهنجي ذميداري پوري ڪرڻ گهرجي، افغان معيشت جي مڪمل تباهي افغان عوام، پاڪستا?? ۽ ??المي برادري لاءِ تباهي آڻيندڙ ٿيندي، هن چيو ته پاڪستان عبوري حڪومت تي زور ڏئي رهيو آهي ??و عالمي واعدا پورا ڪري ته افغان سرزمين دهشٽگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي ۽ عورتون تعليم حاصل ڪري سگهنديون ۽ هڪ جامع حڪومت قائم ڪنداسين، عالمي برادري کي به انهن واعدن تي عملدرآمد لاءِ رابطو رکڻ گهرجي ۽ اهو انهي صورت ۾ هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي گڏيل مقصدن تي اڳڀرائي ٿي سگهندي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته موجوده افغان عملدار بار بار اسان کي ۽ عالمي برادري کي خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجي سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا ۽ هن سمورن دهشتگرد تنظيمن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ ۽ پنهنجي علائقي مان انهن جون محفوظ پناهگاهون ختم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته اسان دهشتگرد?? جي خاتمي، علائقي ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام لاءِ سمورا رستا اختيار ڪنداسين، او آءِ س?? جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان او آءِ س?? جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ اسان او آءِ سي کي فعال بڻائڻ ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ??اڳاپن جي فروغ لاءِ هڪ سرگرم ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب ۽ ايران سان ڀائراڻا ۽ سٺا لاڳاپا آه?? ۽ ??هي ??اڳاپا گڏيل قدرن، مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ روايتن تي ٻڌل آهن، مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد لاءِ اسان پنهنجون ڪوششون ڪنداسين رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح وڏي وزير جي طور تي هڪ ڪاميابي?? ۽ ??رقي لاءِ ڪم ڪيو آهي اهڙي طرح چاهيندس ته وزيراعظم جي منصب تي رهندي به ڪم ڪريان، جيتوڻيڪ ان وقت صورتحال مختلف هئي ۽ هاڻي اسان ک?? جيڪي چئلنيج درپيش آهن اهي شديد نوعيت جا آهن، معاشي بحال?? جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت جي سامهون هڪ واضح قومي ايجنڊا آهي ۽ پهريون چئلينج معيشت جي بحال?? جيڪو گذريل چئن سالن دوران بدحالي جو شڪار ٿي، اسان جي حڪومت اهم قومي معاملن تي اتفاق راءِ جي ذريعي سياسي استحڪام کي حاصل ڪرڻ چاهي ??ي ۽ اسان جي لاءِ ٽيون چئلينج نتيجا خيز نظم ۽ نسق کي يقيني بڻائڻ آهي، عوام زندگ?? جي هر شعبي ۾ ماض?? جي خراب نظم ۽ نسق جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، اسان کي موثر قدمن جي ذريعي شفاف، منصفاڻي ۽ آزاداڻي چونڊن لاءِ قدم کڻڻا آهن، ان سلسلي ۾ اتحادي حڪومت حصيدارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان پنهنجي ڪارڪردگ?? جي بنياد تي ايندڙ پنجن سالن لاءِ خوشحالي جو ويزن ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، آئون انتقام ۽ بيان باز?? جي بدران خدمتن جي فراهمي ۽ عملي قدمن جي سياست جو حامي آهيان، اسان جي حڪومت ۾ چئن صوبن جي سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي آهي، ماض?? جي دوستن اڄ جي چئلينجن جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏي سوچ جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان ڪنهن به قسم جي انتشار بدران اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ، وسيع النبياد مشاورت ۽ پاڻ ڀاڙڻ جي اصول ۽ سياسي استحڪام تي يقين رکون ٿا، آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته 11 اپريل 2022ع کان اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ معيشت کي مضبوط بڻائڻ موجوده اقتصادي حڪومت جي ترجيح آهي، هن چيو ته ٻاهرين مالياتي دٻاءُ ۽ خاص طور عالمي سطح تي شي?? ۽ ??يل جي قيمتن ۾ اضافي ٿيڻ سان گڏوگڏ اسان ناڻي واڌ ۽ کاڌي پيت?? جي شين جي وڌندڙ قيمتن جي شڪل ۾ ملڪي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان کي اڳوڻي حڪومت جي غلط فيصلن جي قيمت ادا ڪرڻي پئجي رهي آهي، وقت سر تيل جي خريداري ۾ ناڪامي ضروري شين لاءِ اسٽريٽجڪ ذخيرا نه هجڻ جي ڪري بعد ۾ وڏي قيمت تي خريداري ڪرڻي پئي آهي جنهن جو اثر ماڻهن تي پيو آهي، موجوده حڪومت سماجي ۽ اقتصادي انگن اکر?? ۽ ??اص طور تي گهٽ آمدني واري طبق?? جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. حڪومت سخت مالياتي پاليسي، مالياتي خساري ۾ گهٽتائي، غريبن لاءِ رليف پيڪيج ۽ ضروري شين جي اسٽريٽجڪ ذخيرن ۾ اضافي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اسان پراميد آهيون ته آءِ ايم ايف اڳين قسط جاري ڪندو جنهن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ عالمي اعتماد بحال ٿيندو، ۽ غير ملڪي مٽاسٽا ناڻ?? جي ذخيرن تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي.