اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪست??ن سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪري رهيو آهي، افغان پناهگيرن لاءِ عالمي امداد م مس??سل گهٽتائي جي باوجود پاڪستان ا??هن کي سڀئي ممڪنه سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪست??ن سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي اهڙن خيالن جو اظهار پناهگيرن جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو عالمي ڏي??هن پناهگيرن جا مسئلا سمجهڻ ۽ ا??هن جي زندگي جي حالت سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، 1979ع کان لکين افغان پناهگير پاڪستان اچڻ شروع ٿيا، افغانستان جي اندروني حالتن جي ڪري گذريل چئن ڏهاڪن کان اهو سلسلو جاري آهي، هن چيو ته قومي ڪووڊ پروگرام تحت 14 لک رجسٽرڊ افغان پناهگيرن ۽ 8.5 لک افغ??ن سٽيزن ڪارڊ هولڊرز کي ٽيسٽنگ ۽ ويڪسين جون سهولتون به فراهم ڪيون ويون آهن، ان لاءِ پناهگيرن لاءِ پاڪستان جي عزم تي ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي، صدر چيو ته عالمي برادري ان عالمي مقصد لاءِ پاڪستان جي تعاون جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جي ڀلائي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عالمي برادري به ??ن سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي، پناهگيرن جو تعلق معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن سان آهي. ا??هن جي مسئلن جو حتمي حل ا??هن جي اباڻي ملڪن ۾ امن ۽ استحڪام جو قيام آهي ته جيئن هو عزت ۽ وقار سان پنهنجي ملڪ واپس وڃي سگهن، صدر چيو ته پاڪست??ن سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو.