اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف اسلام آباد جي جيل ڪامپليڪس جي منصوبي ۾ ڪيترن ئي سالن جي دير جو نوٽيس وٺندي ايندڙ مالي سال ۾ جيل جي تعمير مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ منصوبي جي جائزي لاءِ 6 رڪني ڪ??يٽي جوڙي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب گهرو ??زي?? راڻا ثناءُ الله کي ڪ??يٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. ??زي??اعظم جي سيڪريٽري ڊاڪٽر توقير شاهه ان حوالي سان حڪمنامو جاري ڪ??و آهي. ڪميٽي جي ميمبرن ۾ گهرو، هائوسنگ، منصوبابندي وارين وزارتن جا سيڪريٽريز، اسلام آباد چيف ڪمشنر ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين شامل آهن. ??زي??اعظم معاملي تي ڪ??يٽي کان هڪ هفتي اندر رپورٽ گهرندي اسلام آباد ماڊل جيل ڪامپليڪس جو ساالن کان التوا هيٺ پيل منصوبو هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جديد ترين عالمي معيار ۽ سهولتون رکندڙ اسلام آباد جيل جي تعمير فنڊ نه هجڻ سبب مڪمل نه ٿي سگهي. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ مالي سال ۾ ان م??صوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. واضح رهي ته ا??لام آباد جي ڪامپليڪس کي دنيا جي جديد ج??لن تحت تعمير ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد جي پنهنجي جيل نه هجڻ سبب قيدين کي 6 ڏهاڪن کان اڊيالا جيل ۾ رکيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ موٽروي ويجهو سيڪٽر ايڇ 16 ۾ 90 ايڪڙ تي ٻڌل اها جديد جيل تعمير ٿي رهي آهي. ٻه ماڙ بيرڪن واري ان جيل ۾ 2000 قيدين کي رکيو ويندو. اسڪول، مسجد، ٽريننگ سينٽر، راند جو ميدان، آءِ سي ٽي جون عدالتون به ان جيل ڪامپليڪس جو حصو آهن. جيل عملدارن جي تربيت جو مرڪز به منصوبي جو حصو آهي.