اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان کي پوليو کان پاڪ ۽ ان مرض کي سدائين جي لاءِ شڪست ڏيڻي آهي، سومر کان شروع ٿيندر ??وليو مهم کي گڏجي ڪامياب بڻائڻو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته پوليو هڪ جان وٺندڙ وائرس آهي جيڪو نه ر??و زندگي پر ٻارن جي مستقبل جي لاءِ پڻ خطرو آهي، اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته اسان اڃا تائين مڪمل طور تي پوليو جو خاتمو نه ڪري سگهياسين. هن چيو ته سومر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جو هدف 25 انتهائي پٺتي پيل ضلعا آهن، اچو گڏجي ان کي ڪامياب بڻايون ۽ پوليو کي سدائين جي لاءِ شڪست ڏيون.