سيالڪوٽ – 02 – آگ??ٽ (اي پي پي) پا??ستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 5 آگ??ٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن جو مقصد مودي سرڪار پاران ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي جي لاءِ ??ن جي خصوصي حيثيت ختم ڪري واديءَ ۾ آرٽيڪل 370 جي غيرقانوني قدم جي مذمت ڪرڻ آهي. ڀارتي فوج پاران ڪشمير جي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي پا??ستان ۾ به اهو ڏينهن استحصال ڏهاڙي طور ملهايو ويندو، ان سلسلي ۾ سيالڪوٽ سميت سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو، جنهن ۾ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو ۽ ڪشمير ۾ مودي سرڪار پاران آرٽيڪل 370 لاڳو ڪرڻ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 5 آگ??ٽ 2019ع تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي الڳ رياستي حيثيت ختم ڪري مظلوم ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي ئي رياست مان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي جنهن کانپوءِ واديءَ ۾ مظاهرن جي ڊپ کان لاڪ ڊائون هنيو ويو.