اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آ??ي، ڪو به معاشرو عورتن جي شموليت کانسواءِ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي يتيم ٻارڙين جي اداري ڪاشانه ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته حضور ﷺ عيد جي موقعي تي يتيم ٻارن جي مٿان هٿ رکيو، پاڻ ﷺ ٻارن تي خاص شفقت فرمائيندا ۽ پنهنجي طر?? عمل سان سبق ڏنو ته بي سهارا ٻارن تي الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي ڇانوَ آهي. ??در چيو ته ٻارن جي سٺي تعليم ۽ تربيت پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهم آ??ي، آئون آزادي جي ڏهاڙي جون خوشيون يتيم ٻارن سان ملهائڻ جو خواهشمند هئس. هن چيو ته آزادي جي خوشي جي موقعي تي يتيم ۽ بي سهارا ٻارن سان گڏ آهيون. ٻار اسان جو مستقبل آهن، پنهنجي تعليم تي ڀرپور ڌيا?? ڏين، ٻارڙين جي تعليم ۽ تربيت خصوصي اهميت رکندڙ آ??ي، ٻارڙيون ڀرپور محنت ڪن ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇوڪرين جي تعليم جو اهتمام پاڪستان جي لاءِ تمام ضروري آ??ي، قائداعظم محمد علي جناح عورتن جي برابري جي تلقين ڪئي.