ڊيره اسماعيل خان – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??اء?? وڏي پئماني تي وسيلا گهربل هوندا جڏهن ته متاثرين کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪند??سي??، ٽانڪ ۾ 100 گهرن تي ٻڌل بستيءَ جو ٻن هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، گهرن جي تعمير جي ??اء?? روڪ رقم ڏيڻ يا گهر تعمير ڪري ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون، برساتن جي ڪري ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ جي ??اء?? ننڍين ڊيمن جي تعمير ڪرڻي پوندي، پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا، متاثرين جي امداد شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائيند??سي?? ۽ ان تي ڪو ٺاهه نه ڪند??سي??. وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ کان متاٿر سگو پل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٽريفڪ جي بحالي ۽ ٻين امدادي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رستن ۽ پلين جي بحالي جي ??اء?? اين ايڇ اي ڏينهن رات ڪم ڪيو. ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ??اء?? سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان، مواصلات وارو وزير مولانا اسعد محمود، انجنيئر امير مقام پڻ موجود هئا. سگو پل جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ صورتحال جي جائزي جي ??اء?? توهان وٽ حاضر ٿيو آهيان. گذريل ڀيري ٽانڪ ۽ ڊيره آيو هئس ته ان وقت هي علائقا تازي برساتن جي تباهي کان اڳ جي ريلي ۾ مشڪل مان نڪري رهيا هئا. پنهنجي ساٿين سان گڏ وڃي متاثرين کي تسلي ڏني هئي ته هن وقت مشڪل وقت آهي ۽ قدرتي آفت آهي پر الله جي مدد سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ادارا ۽ پاڪ فوج گڏجي پسند ناپسند ۽ سياست کان مٿانهون ٿي علائقي جي خدمت ??اء?? ڪم ڪندا. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان، اسعد محمود ۽ امير مقام سميت صوبائي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي سگهه موجب ڀرپور ڪم ڪيو. پاڪ فوج جا ٿورا مڃون ٿا جنهن هر جڳهه تي متاثرين کي مدد فراهم ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيت کان وڌيڪ ڏينهن رات انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قمبر شهدادڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين متاثر علائقن ۾ جيستائين نظر پوي ٿي پاڻي بيٺل آهي، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۾ تباهي ٿي آهي. سوات ۾ درياءَ جي اندر تعمير سنگين غلطي هئي، اتي قطعي طور تي تعميرات جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها، اتي ٻوڏ ريلي تباهي ڪئي. لوئر ڪوهستان ۾ 5 ماڻهو 5 ڪلاڪن تائين تيز لهرن ۾ بيٺل رهيا ۽ الله کي پيارا ٿي ويا. هن چيو ته غذر ۾ ڳوٺن جو نالو نشان نه رهيو. هڪ خاندان جا 8 ماڻهو فوت ٿي ويا. هڪ ٻارڙي ۽ ان جي خاندان جو معذور ڀاتي زندهه بچيا، انهن کي يقين ڏياريو ته انهن جي هر ممڪن مدد ڪند??سي??. اتان جي مقامي ماڻهن کان به اميد آهي ته انهن جو خيال رکندا. هن چيو ته ان کان اڳ پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ تباهي ناهي ڏٺي. گذريل حڪومت وسيلن جي بربادي ڪئي. اسان کي سياست کي هڪ طرف رکي خدمت ڪرڻي آهي. وفاق ۾ حڪومت مخلوط آهي. هن حڪومت پهرين 28 ارب رپيا متاثر خاندانن جي ??اء?? رکيا. 25 هزار رپيا في خاندان ڏنا پيا وڃن. انهن ۾ 20 ارب رپيا شفاف طريقي سان بي آءِ ايس پي جي ذريعي ورهائجي چڪا آهن. ٻوڏ جي تباهين جي وڌڻ سان حقيقتن جي بنياد تي ڪاٿو هاڻي 70 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. اهو مالي بار وفاقي حڪومت برداشت ڪري رهي آهي باقي خرچ ان کانسواءِ آهن. ان کانسواءِ فوت ٿيندڙن جي ??اء?? 10، 10 لک في ڪس ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۽ ٻين متاثر علائقن ۾ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي ويون. وفاقي حڪومت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ متاثرين جي ??اء?? اهي وسيلا فراهم ڪري رهي آهي. صوبا به پنهنجي وسيلن مان ڏئي رهيا آهن. انهن کي به وڌيڪ وسيلا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اين ڊي اي?? اي جي ذريعي 2 لک خيما چئني صوبن کي نقصانن جي ڪاٿي موجب فراهم ڪند??سي??. هن چيو ته اين ايڇ اي، وزير ۽ مواصلات واري سيڪريٽري متاثر رستن جي بحالي جي ??اء?? ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. اسان اهو نه ڏٺو ته وفاق يا صوبن ڪنهن جو ڪم آهي. اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي اتي وبائي مرضن جو چئلينج درپيش آهي. هتي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي ??اء?? کربين رپيا گهربل هوندا. هي تمام وڏو چئلينج آهي. دوست ملڪن پاران امداد جي فراهمي تي انهن جا ٿورائتا آهيون. متاثرين کي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائيند??سي??. ان تي ڪو ٺاهه نه ڪند??سي??. حقدار کي هر صورت ۾ ان جو حق ڏياريو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٽانڪ ۾ هڪ سرندي واري شخص جي مالي تعاون سان 2 ڪمرن تي ٻڌل 100 گهرن جو 2 هفتن کانپوءِ افتتاح ڪندس، جيڪڏهن اهو منصوبو ڪامياب ٿيو ته ان کي سمورن متاثر علائقن تائين وڌائيند??سي??. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن. انهن کي معاوضو ادا ڪرڻو آهي. جڏهن ته ان جي ??اء?? اهو سوال اٿي رهيو آهي ته گهرن جي تعمير جي ??اء?? روڪ رقم ڏني وڃي يا گهر ٺاهي ڏنا وڃن. ان ۾ ڪجهه خدشا به آهن. ڪجهه آسانيون ۽ ڪجهه مشڪلاتون به آهن. وزيراعظم چيو ته موجوده ٻوڏ برسات جي ڪري آهي. چوماسي ۾ ٻوڏ دريائن ۾ طغياني جي ڪري اچي ٿي، ان جي ??اء?? مستقل منصوبابندي ڪرڻي پوندي. ننڍا ڊيم ۽ پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا. ان صورتحال هر شيءَ کي تباهه ڪيو آهي. ان سان غربت سميت ڊگهي عرصي تائين اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته اهي سموريون صوبائي حڪومتن، ادارن، پاڪ فوج، فلاحي تنظيمن جا ٿورائتا آهيون جيڪي متاثرين جي ??اء?? ڪم ڪري رهيا آهن. هن متاثرين کي چيو ته اهي صبر کان ڪم وٺن. آخر شخص ۽ گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهند??سي??. وزيراعظم چيو ته آئون پنهنجون ذميواريون نڀائيندي هر جڳهه تي وڃي رهيو آهيان. متاثرين کي هر حال ۾ وسيلا فراهم ڪند??سي??. اسان کي صبر، اتحاد ۽ اتفاق سان ڪم وٺڻو پوندو. انصاف ۽ شفافيت اسان جو مقصد هوندو. ان موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي اي?? اي) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان وزيراعظم جا ٿورا مڃون ٿا جو هن مشڪل وقت ۾ اسان جي دادرسيءَ ڪئي ۽ پاڻ هتي آيو. اين ايڇ اي ۽ بين ادارن ڏينهن رات ڪم ڪيو جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. فوجي جوانن مقامي ماڻهن ۽ امدادي تنظيمن سان گڏجي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو، اسان انهن جي دل سان قدر ڪريون ٿا. متاثرين جي ??اء?? کاڌو ۽ امداد پهچائي. هن چيو ته ٻوڏ کان بچاءُ جي ??اء?? مستقل بنيادن تي منصوبابندي ۽ قدمن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته تباهيون جاري رهنديون. مفتي محمود اسپتال ۾ پاڻي چڙهي ويو. آبادي کي بچائڻ جي ??اء?? وڏا رستا ڪاٽيا ويا. اين ايڇ اي فوري ڪارروائي ڪري رستا بچايا. بلوچستان ماڻهو اڃا تائين پاڻي ۾ ڦاٿل آهن. سوات، دير، ڪوهستان ۾ تمام گهڻيون تباهيون ٿيون آهن. نقصانن جا سمورا تفصيل وزيراعظم آڏو رکيا آهن ته جيئن دل کولي متاثرين جي مدد ڪري سگهجي.