اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪلوس گيلي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان فرانس سان ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ڏس ۾ پنهنجي پراڻي تعاون تي ٻڌل لاڳاپ?? کي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ شديد تباهي ۽ سنگين صورتحال ??ي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم ٻوڏ متاثر ماڻهن سان يڪجهتي ۽ مدد تي فر??نس??سي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خيما، واٽر پمپ ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ٽيم کڻي امدادي اڏام موڪلڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نقصانن جو پئمانو ۽ شدت ايتري وڏي آهي جو اڪيلو اسان جو ملڪ ان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي ۽ ان ڏس ۾ عالمي برادري جي حمايت انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۾ نه هجڻ جي برابر ڪردار جي باوجود ان جو شڪار آهي ۽ تازي ٻوڏ ان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فوري ريسڪيو ک??نس??اءِ فرانس بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ حڪومت جي ڪوششن ۾ حصو وجهي سگهي ٿو. ٻطرفي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ فرانس سان پنهنجي لاڳاپ?? کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فر??نس??سي سفير ٻطرفن لاڳاپ?? کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ آءِ ٽي، زراعت، پاڻي جي انتظام ۽ توانائي جهڙن نئين شعبن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ڪندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل فائديمند لاڳاپ?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ فرانس سان مسلسل رابطي جو منتظر آهي.