اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان ??رآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان ??ستي بجلي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول جي پهچ جي حوالي سان ??ائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان ??يلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان ??سلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائي ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي ??اڳ?? 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي واري ??فاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او، ??اڳ??پيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري ??فاقي وزير محمد اسحاق ڊار، توانائي واري ??فاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي واري ??فاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري ??فاقي وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي توانائي واري ??زير امتياز احمد شيخ ۽ ??اڳ??پيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.