اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏن?? آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪشميري عوام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشميري عوام ڀارتي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جو سفر اڃا جاري آهي. ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏن??ون آهن. اسپيڪر چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري عوا?? جي خودمختياري جي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل جاري ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت غيررياستي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل جاري ڪري مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري عوام جا حوصلا ??مزور نه ٿا ڪري سگهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي هر فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري رهيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو ڪشميري عوا?? جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري آهي.