شرم الشيخ- 17 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ گرين ان??يسٽمينٽ اولين ترجيح آهي، حڪومت فاسل فيول جي استعمال بدران شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جو آغاز ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا ۽ اسرندڙ ملڪن بابت فرينڊز آف گريننگ نيشنل ان??يسٽمينٽ پلان جي حوالي سان پينل مباحثي ۾ شرڪت دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 20 پٺتي پيل ضلعن کي پائيدار ترقي سان اڳتي آڻڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هر منصوبي جي منظوري ل??ءِ لازمي آهي ته هو ماحولياتي معيار تي پورو لهي ٿو. پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو آهي، پاڪستان هن وقت ان??ن ست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي ت??ديلي جو بدترين شڪار آهن، موسمياتي ت??ديلي پاڪستان ۾ رڪارڊ گرمي، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو سبب بڻي. موسمياتي ت??ديلي جا اثر افسانو نه پر هڪ حقيقت آهن، موسمياتي ت??اهي جو پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهن تي سڌو سنئون اثر پيو. وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي نظام موسمياتي ت??ديلي جي ايجنڊا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، عالمي سطح تي موسمياتي ت??ديلي سان هم آهنگ ان??را اسٽرڪچر ل??ءِ فنڊ قائم ڪيو وڃي، اسريل ملڪن کي پنهنجي ذميداري پوري ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ تباهي ان??ن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندي. اسان کي پنهنجي نسلن ل??ءِ موسمياتي ماحول کي بچائڻو آهي، موسمياتي ت??ديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ ل??ءِ اسرندڙ ملڪ پنهنجي ت??ربن جي مٽاسٽا ڪن، هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تمام گهڻي ت??اهي ٿي آهي، ملڪن کي شديد نقصان پهتو، ان??را اسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون، متاثرن جي آبادڪاري ل??ءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ ل??ءِ لائحه عمل جو دائرو ضلعن تائين وڌايو ويو آهي.