ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سندس يو اي اي جو دورو ٻطرفي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏ??ل عرب امارات جي وفد سان هتي ملاقات ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته کيس اهو ڄاڻي خوشي ٿي آهي ته پاڪستاني ب??نس مين ??نهنجي محنت ۽ تجربي کي استعمال ۾ آڻيندي گڏ??ل عرب امارات ۾ پنهنجو ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گڏ??ل عرب امارات جي قيادت سان سندس ملاقاتون ڪامياب رهيون، سندس هي دورو پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي دوستي کي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ بدلائڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي ب??ادري اميد کان وڌيڪ اعلان ڪيا. وزيراعظم پاڪستان بزنس ڪائونسل گڏ??ل عرب امارات جي وفد کي پاڪستان ۾ ڪ??رو??ار ۽ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، ريئل اسٽيٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، متبادل توانائي، فوڊ پراسيسنگ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڀرپور موقعا موجود آهن ۽ حڪومت سيڙپڪارن ۽ بزنس مين کي سموريون سهولتون ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان تجويزن سان گڏ پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني. وفد حڪومتي معاشي پاليسيز تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان ۾ ڪ??رو??ار ۽ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين ??اري وفاقي وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف ۽ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.