اسلام آباد -04 فيب??ور?? (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪ??مير ۽ گلگت بلتستان بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائر?? چيو اهي ته 5 فيب??ور?? تي يوم يڪجهتي ڪ??مير ملهائڻ جي حوالي سان تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان وزارت جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ڪ??ميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندا. قمر زمان ڪائر?? چيو ته ڪشميري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ 5 فيب??ور?? تي سڄي ملڪ ۾ صبح ڏهين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. هن چيو ته شاهراه دستور اسلام آباد تي ڪ??ميري عوام سان ايڪي لاءِ ريلي پڻ ڪڍي ويندي. قمر زمان ڪائر?? چيو ته ان مقويع تي وزيراعظم محمد شهباز شريف مظفر آباد ويندو ۽ آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪندو، ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم طرفان يوم يڪجهتي ڪ??مير جي حوالي سان خاص پيغام پڻ نشر ڪيا ??يندا. هن چيو ته 5 فيب??ور?? جي مناسبت سان پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز خصوصي ريليون، سيمينار ۽ تصويري نمائش?? جو اهتمام ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پي اين سي اي ۽ لوڪ ورثه ۾ ٽي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن جن ۾ ڪشميري ثقافت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانعلاوه سوشل ميڊيا تي پڻ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويندو. ان ڏينهن جي مناسبت سان دستاويزي فلمن ۽ تصويرن جي پڻ ڀرپور نموني تشهير ڪئي ويندي. سڌ سماءَ واري وزارت پي ٽي وي، اي جي ڪي ٽي وي ورلڊ ۽ ريڊيو ذريعي مختلف پروگرام نشر ڪيا ??يندا. هن چيو ته نجي ميڊيا چينلز ۽ ايف ايم ريڊيو تان پڻ ان ڏس ۾ ڀرپور ڪوريج ڪئي ويندي. قمر زمان ڪائر?? چيو ته سول ايوي ايشن، پاڪستان ريلوي، ميٽرو بس ۽ اين ايڇ اي هوائي اڏن، ريلوي اسٽيشنز، ميٽرو بس اسٽيشنز ۽ ٽول پلازن تي پڻ بينر هنيا ??يا آهن. سي ڊي اي پڻ اسلام آباد جي سمورين اهم شاهراهن تي يوم يڪجهتي ڪ??مير جي حوالي سان بينر لڳايا آهن. قمر زمان ڪائر?? چيو ته ان موقعي تي سيليولر موبائل ڪمپنيون خصوصي پيغام نشر ڪنديون.