اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? آفيس شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، ??ستحڪام ۽ اقتصادي ترقي تي مرڪوز آهي. پرڏيه?? آفيس جي ترجمان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي ??يڪ??يٽريز جي 18 هين اجلاس ۾ قومي سلامتي ڊويزن جي ??يڪ??يٽري انجنيئر عامر حسن جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد زوم لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. ترجمان چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لعنت تي ڳالهائيندي عامر حسين دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ج?? خلاف جنگ ۾ پاڪستاني عوام جي لازوال قربانين تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي امن، ??ستحڪام ۽ اقتصادي ترقي تي مرڪوز آهي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي مقصدن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.