لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم جي شعبي ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيندڙ يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي وائيس چانسلر ۽ ملڪ جي ن??لي??اري اسڪالر پر??فيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير ??اش?? (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪيو. ترجمان موجب گذريل سال ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سائنس، انجنيئرنگ ۽ تعليم جي شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي پر??فيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير ??اش?? (ستاره امتياز) کي هلال امتياز عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي عملدرآمد گذريل ڏينهن 23 مارچ 2023ع تي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيندڙ ه?? پر??قار تقريب دوران ڪيو ويو. ترجمان موجب پر??فيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير ??اش?? کي ان کان اڳ 2015ع ۾ ويٽرنري سائنسز جي شعبي ۾ بهترين خدمتن تي ستاره امتياز ۽ 2009ع ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ عطا ڪيو ويو آهي. درس ۽ تدريس ۽ انتظامي شعبي ۾ 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ جو تجربو رکندڙ ن??لي??اري اسڪالر پر??فيسر ڊاڪٽر طل??ت نصير ??اش?? کي ملندڙ هن ايوارڊ تي سڄي ملڪ جي تعليمي ۽ انتظامي ڌُرين خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان موجب يونيورسٽي آف ايجوڪيشن لاهور جي استادن، اسٽاف ۽ شاگردن پڻ اداري جي سربراهه کي ان اهم ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.