اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ ڪيس ۾ ناقص بنيادن تي غيرضروري قانوني چاره جوئي جي حوصلا شڪ??ي جي لاءِ جوابدار تي ڏنڊ هڻي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اصل ڪيس جي ڪارروائي اڃا التوا هيٺ آهي جنهن ۾ هراسمينٽ جي حقيقت جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ثبوت رڪارڊ ڪرڻ باقي آهي، جوابدار ڪارروائي کي ڊيگهه ڏيڻ جي لاءِ غيرضروري طور تي درخواست داخل ڪئ??. صدر چيو ته اهڙي رجحان جي حوصلا شڪ??ي جي ضرورت آهي ڇو ته اهو وقت حاصل ڪرڻ جي حربي کانسواءِ ڪجهه نه آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اها طئي ٿيل ڳالهه آهي ته ڪنهن به ڌر کي جلدي ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت نه آهي، اپيل سان نه رڳو محتسب پر صدر جو قيمتي وقت ضايع ٿيو. تفصيل موجب سکر ۾ مقرر ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي عورت اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر اي ايس آءِ (شڪايت ڪندڙ) کي ايئرپورٽ م??ني??ر مبينا طور تي هراسان ڪيو. الزامن موجب جوابدار عورت کي شادي جي لاءِ دٻاءُ وڌو جڏهن ته شادي جي چئن مهينن جي اندر ئي جوابدار ان سان بدسلوڪي شروع ڪري ڇڏي، فيبروري 2022ع ۾ جوابدار عورت کي طلاق ڏني ۽ بعد ۾ گڏ رهڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو، جوابدار ايئرپورٽ م??ني??ر جي حيثيت سان نوڪري ختم ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني ۽ اڻوڻندڙ واٽس ايپ پيغام موڪليا. شڪايت ڪندڙ هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب ڪيس تي محتسب جي دائره اختيار جي حوالي سان جوابدار جي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. جوابدار محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئ?? جنهن کي صدر به رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار فضائي سفر جو ڪرايو ادا ڪري، عورت کي ٻڌڻي جي لاءِ ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر ڪرائ?? وڌيڪ ذهني ۽ مالي مشڪلاتن ۾ وڌو ويو، جوابدار شڪايت ڪندڙ کي به ناقص بنيادن تي داخل درخواست سان ٻڌڻي جي لاءِ غيرضروري طور تي تڪليف ڏني. صدر چيو ته غيرضروري قانوني چاره جوئي جي اهڙي طرح جي رجحان جي حوصلا شڪ??ي جي ضرورت آهي، معاملا اڪلائڻ ۾ غيرمعمولي دير کي روڪڻ جي لاءِ ناقص بنيادن تي اپيل جمع ڪرائيندڙ ڌر تي ڏنڊ هڻڻ مناسب آهي، ثبوتن جي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ ڪيس ۾ فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. صدر جوابدار جي اپيل رد ڪندي شڪايت ڪندڙ جي هوائي سفر جا خرچ جوابدار تي هڻي ڇڏيا. هن چيو ته محتسب ڪارروائي 90 ڏينهن ۾ مڪمل ڪري ۽ جوابدار پاران شڪايت ڪندڙن کي هوائي جهاز جي ڪرايي جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي.