اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئ??ن جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو، آئ??ن پارليامينٽ جي هنج ۾ جنم ورتو، عدليه آئ??ن جي تشريح ڪري سگهي ٿي پر ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جو قانون جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، تي عدالت منع نامو جاري ڪري ڇڏي، اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين. هو پاڪستان جي 1973ع جي آئ??ن جي موبائيل ايپ جي اجراءَ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئ??ن جي ڊيجيٽل ايپ تي دستياب هجڻ سان شاگرد، ش??گردياڻيون ۽ ڪروڙين پاڪستاني آئ??ن جي منشا ۽ پاڪستان جي آئ??ن جي بنيادي اساس مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته هي حسن اتفاق آهي ته مون 12 آڪٽوبر 1999ع تي پي ٽي آءِ جي هن بلڊنگ گذايو جڏهن هڪ غيرآئيني قدم کنيو ويو هو ۽ اڄ الحمدالله آئ??ن جي احترام ۽ آئ??ن جي شقن کي هر خاص ۽ عام تائين پهچائڻ جي لاءِ ٻيهر هن عمارت ۾ موجود آهيان. هن آئ??ن جي بانين جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، مفتي محمود مرحوم، مولانا شاهه احمد نوراني مرحوم، خان عبدالولي خان جهڙيون قدآور شخصيتون هيون جيڪي پنهنجي سياسي سوچ موجب پنهنجي پارٽين جي قيادت ڪري رهيا هئا پر پاڪستان جي آئ??ن لاءِ انهن پنهنجا سمورا اختلاف وساريندي هن آئ??ن کي تخليق ڪيو ۽ اهڙي طرح رهندڙ دنيا تائين انهن جو نالو سدائين سنهري لفظن ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر آئ??ن جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو، آئ??ن پارليامينٽ جي هنج مان جنم ورتو، آئ??ن جي تشريح عدليه ڪري سگهي ٿي اهو ان جو اختيار آهي پر عدليه آئ??ن کي ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، اهو رڳو پارليامينٽ جو اختيار آهي ۽ اهو رڳو پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ مڃيل اصول آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، مون سميت اسان سياستدانن کان بي شمار غلطيون ٿيون ۽ وڏا ماڻهو اهي ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن ٿا ۽ قوم جي اعليٰ ۽ وڏن مقصدن جي لاءِ پنهنجي ذات کي قومي مفادن جي تابع ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته يقينن اسان سبق سکيو آهي ۽ انشاءَ الله اسان پاڪستان جي مشڪل ترين حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ رهنداسين، آئ??ن بنا ڪنهن پاڻ وڻائڻ جي اهو ??وڻ چاهيان ٿو ته اسان کي تمام گهڻين مشڪلاتن حالتن ۾ هي اقتدار مليو ۽ بنا ڪنهن سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ وڃڻ جي آئ??ن اهو ??وڻ چاهيان ٿو ته اسان ان ڳالهه تي پوري طرح هڪ آهيون ته اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست کي بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ قطعي طور هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين ۽ اهڙي طريقي سان آئ??ن هتي اهو ??وڻ چاهيان ٿو ته جتي اسان کي پنهنجي غلطين جو ادراڪ ٿيڻ گهرجي اتي اسان کي اهو ??وڻ ۾ به ڪا هٻڪ نه ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ٿي ته دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جي قانون کي جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، عملي شڪل به اختيار نه ڪئي هجي ته عدالت ان تي منع نامو جاري ڪري ڇڏي، ائين ڪڏهن ناهي ٿيو، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ۽ ان تي پارليامينٽ پنهنجو آئ??ني ۽ قانوني حق استعمال ڪندي، اهڙي طريقي سان آئ??ن جي اعليٰ عدليه سدائين تشريح ڪئي آهي، اهو ان جو حق آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي پر ڪڏهن آئ??ن کي ”ري رائٽ“ نه ڪيو ويو، ڊڪٽيٽرز آئ??ن کي ٽوڙيو آهي، ان جو هڪ نه ڪيترائي مثال آهن پر اسان، عدليه، اعليٰ عدليه، بئنچ ۽ بار مان اميد ڪريون ٿا ته اهي آئ??ن ۽ قانون جو تحفظ ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسان جو آئ??ن نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو موجوده دور جو بهترين فيصلو آهي، اسڪولن ۾ پرائمري ۽ اعليٰ درجن ۾ يونيورسٽي جي سطح تي آئ??ن جي نصاب جو حصو بڻجڻ سان آئ??ن ۽ قانون پاڪستان جي ٻار ٻار کي ياد ٿي ويندو جنهن سان قانون جي حڪمراني ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ نادرا جي عملدارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان جي آئ??ن جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪي قدم کنيا ويا اهي ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جي نوجوان نسل آئ??ن جي ان ڪتاب جو چڱي طرح مطالعو ڪندي، ان کي ياد ڪندي ۽ ان تي تعليمي ادارن ۾ بحث ٿيندو جنهن سان قانون ۽ آئ??ن جي حڪمراني قائم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته آئ??ن اڄ هتي آئ??ن جي پاسداري ۽ استحڪام جي لاءِ آيو آهيان، 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن آئ??ن هتان گذريو هئس ته اها هڪ اونداهي رات هئي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين آباد رکي.