اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) ڪينيا جي پارليامينٽ جي ميمبر فرح مالم محمد احمد چيو آهي ته پارليامينٽ کي قانون سازي کان نٿو روڪي سگهجي، سياست اڄ ڪاروبار بڻجي ويو ??هي?? احتجاج سان ڪا به شيءَ حاصل نٿي ڪري ??گهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته انگريزن قانون کي ڌار، ڌار ناهي ڪيو، منهنجي حساب سان درست جمهوريت اومان ۽ ڪويت جي ??هي?? قانون جيڪڏهن ختم به ڪيو وڃي ته قانون رهي ٿو. هن چيو ته اسان کي غلطي ورجائڻ بدران ان مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن ملڪ ۾ احتجاج سان به شيءَ حاصل نٿي ڪري ??گهجي، هن چيو ته ڇا شام، عراق، صوماليه ۾ امن ??هي?? جيڪڏهن اوهان سوچيو ٿا ته يورپ آمريڪا اوهان جي مدد ڪندا ته ائين بلڪل ناهي. هن چيو ته آئين حرف آخر ناهي. اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجا نمائندا پاڻ چونڊيون. اسان کي پنهنجي پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ۽ حضرت عمر جي زندگي سان طرز حڪومت سکڻ گهرجي. انسان کي سادي زندگي گذارڻ گهرجي، اڄ جي دور ۾ سياست هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا جا مڊل ڪلاس ماڻهو مختلف جاين کان آيل ماڻهو آهن، اسان جا پنهنجي قبيلا ۽ طبقا به آهن پوءِ به جهيڙا ٿيندا آهن، آئين هڪ زنده جاويد ڪتاب ??هي?? پارليامينٽ کي قانون سازي کان نٿو روڪي سگهجي ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ جو ڪم ئي قانون سازي جو ??هي?? قانون ۾ جهول هوندو ته ان ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت هجڻ گهرجي.