اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان منعقد عالمي ڪنوينشن جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ سڄي ملڪ کان آئين جي حوالي سان ڪرايل مباحثن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن پڻ خطاب ڪيو. قومي اسيمبلي هال ?? پڄاڻي واري ويهڪ جو ??اص مهمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هو. ان پڄاڻي واري سيشن ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف درجن جي تعليمي ادارن ۾ ”منهنجو ??ئين منهنجي آزادين جو ??امن“ جي موضوع تي تقريري مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن پنهنجي خطاب تي ايوان کان خوب داد وصول ڪيو. سڀ کان وڌيڪ ??اد اسڪول جي سطح تي بين الڪلياتي ??قابلن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ وحد ڪالوني اسڪول لاهور جي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي مريحه معروف پنهنجي تقرير تي شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو. پڄاڻي واري سيشن ۾ محي الدين اسلامڪ يونيورسٽي ميرپور جي شاگرد ??اگرد چوڌري عزيز جاويد، گرينچ يونيورسٽي جي شاگرد ??يد وقار حيدر زيدي ۽ مردان گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي شاگرد ??قدس سليم موٽيويشنل خطاب ڪيو.