اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏي??هن واري عالمي ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪنوينشن ۾ 17 کان وڌي?? ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ۾ بيلجيئم، ايران، ڪينيا، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ملڪن جا وفد شامل هئا. ڪنوينشن ۾ اندروني ملڪن مان پارليامينٽ جي ميمبرن، سي??سي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله ??ن محمد بن ابراهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪنوينشن جي پهرين ڏي??هن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر زمان ڪائره خطاب ڪيو، ڪنوينشن جي ٻي ڏي??هن واري پڄاڻي جي تقريب کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪيو. ان موقعي تي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سي??ن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.