اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، پينشن ريفارمز کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي، اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ و??اقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ جي تياري جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ معاشي ٽيم پاران وز??راعظم کي بجيٽ جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته آمدني ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هن سال جي نظرثاني ٿيل ۽ ايندڙ سال جي ٽارگيٽيڊ ڪاٿي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته عام ماڻهو جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪ??مت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وز??راعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته وچولي ۽ غريب طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وز??راعظم اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪ??مت جي وقت سر حڪ??ت عملي سان يوريا ڀاڻ جون قيمتون مسلسل گهٽ ٿي رهيون آهن جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال ٿيندو پر ملڪ زرعي جنسن ۾ پاڻڀرائپ طرف وڌندو. وز??راعظم ان ڳالهه تي پڻ خوشي جو اظهار ڪيو ته حڪ??مت جي بهتر معاشي پاليسين جي ڪري گذريل ٻن مهينن ۾ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو ويو. ان کانسواءِ وز??راعظم پينشن ريفارمز کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي هڪ پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي ته جيئن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهجي ۽ پينشنرز جي بهترين ڀلائي کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ و??اقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪ??و ويو ته پاڪستاني معيشت مالياتي استحڪام طرف گامزن آهي ۽ مالياتي خساري ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وز??ر خواجه آصف، وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ، وز??راعظم خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ملڪ احمد خان، طارق پاشا، طارق باجوه، عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبرن قيصر احمد شيخ، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.