اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ??يپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته خودڪش ڌ??اڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي جوان جي شهادت تي دلي افسوس ٿيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته چيڪ پوسٽ تي پنهنجون ذميواريون ادا ڪندي ملڪ جي قابل فخر فرزندن جانيون قربان ڪيون. اهي سرحدن جا محافظ ۽ قوم جا هيرو آهن قوم انهن هيروز کي سدائين ياد ??کندي. هن چيو ته م??ن کي شهيدن جي خاندانن سان ??مدرديءَ آهي. پرڏيهي وزير خودڪش ڌ??اڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته پنهنجي ڌرتي کي ملڪ دشمنن کان ??اڪ ڪرڻ جي لاءِ اسان ??رعزم آهيون، دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن جو عبرتناڪ انجام ٿيندو.