اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم ش??باز شريف جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائما?? نه ٿين، وزيراعظم م??ن کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم ش??باز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪور?? ۾ ??انون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمران خان جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي ا??اث?? کي پهچندڙ نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آهيان، آئين ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ناطي آئون اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائما?? نه ٿين، ان جي جان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. صدر چيو ته وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت م??ن کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.