انقره-03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز پ??ڪس??ان ۾ ترڪيھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ترڪيھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي صدر نيل اولپاڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ترڪيھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ جي صدر وزيراعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ترڪيھ ۾ پ??ڪس??ان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.