اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ جي موقعي تي تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي جي تفصيل سان ڀيٽ پيش ڪئي. ناڻي واري و??ير چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2013ع کان وٺي 2018ع تائين جي ??دي ۾ آءِ ايم ايف سان پروگرام مڪمل ڪرڻ کانسواءِ معيشت جي استحڪام کي يقيني بڻايو ۽ دانشمنداڻين پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت دنيا جي 24 هين وڏي معيشت بڻجي وئي جڏهن ته گذريل ساڍن چئن سالن ۾ ناقص ڪارڪردگي جي ڪري 47 هين نمبر تي پهچي ويو. ناڻي واري و??ير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت مجموعي قومي پيداوار کي 2013ع ۾ 3.9 ??يڪ??و مان وڌائي 2018ع ۾ 6.1 ??يڪ??و تائين پهچائي ڇڏيو. انهي ??دي ۾ مجموعي طور تي جي ڊي پي ۾ ٻه ??يڪ??و جو اضافو ٿيو، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي شروعاتي ٻن سالن ۾ جي ڊي پي جي جي شرح ۾ گهٽتائي آئي ۽ آخري سال ۾ بيس (base) سال کي تبديل ڪري جي ڊي پي کي 6 ??يڪ??و ڏيکاريو ويو. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بلحاظ ڳاڻيٽو جي ڊي پي ۾ 97.9 ??يڪ??و جي واڌي ٿي جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ 18.7 ??يڪ??و جي واڌ ڏيکاري وئي آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ في ڪس آمدني 1446 ڊالر هئي جيڪا 2018ع ۾ 1768 ڊالر ٿي وئي، ان جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٻه ??يڪ??و جي گهٽتائي آئي، 2018ع ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 4 ??يڪ??و هو جيڪو 2022ع ۾ 12.2 ??يڪ??و تي پهچي ويو، 2018ع ۾ کاڌي پيتي جي شين جي مهانگائي جي شرح 3.8 ??يڪ??و هئي جيڪا 2022ع ۾ 13.4 ??يڪ??و جي سطح تي پهچي وئي. 2018ع ۾ بنيادي ناڻي واڌ 5.8 ??يڪ??و هئي جيڪا 2022ع ۾ 8.1 ??يڪ??و ٿي وئي، 2018ع ۾ امپورٽ جو ڳاڻيٽو 55.7 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 71.5 ارب ڊالر ٿي ويو، جي ڊي پي جي شرح سان امپورٽ جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 15.6 ??يڪ??و هو جيڪو 2022ع ۾ 19 ??يڪ??و تائين پهچي ويو. 2018ع ۾ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.4 ارب ڊالر هو جيڪو مالي سال 2022ع ۾ 15.5 ارب ڊالر هو. قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 24953 ارب هو جيڪو 2022ع ۾ 49242 ا??ب روپيا ٿي ويو، پرڏيهي قرضن جو ڳاڻيٽو 2018ع ۾ 70.2 ارب ڊالر هو جيڪو 2022ع ۾ 88.8 ارب ڊالر ٿي ويو.