اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افضل بٽ جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افضل بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس آهي، افضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ??ه جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگه?? زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي ت??في?? عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄ?? زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگز??ب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.