اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات پهچ?? ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ موجب گڏيل عرب امارات پهچڻ تي پاڪستان جي يو اي اي ۾ سفير، اعليٰ اماراتي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم جو استقبال ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف، گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڀاءُ، شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ شاهي محل ويندو. ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ??ار ۽ خا?? معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.