ابوظهبي – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وز??را??ظم جو محل پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم گڏ??ل عرب امارات جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ گڏ??ل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏ??ل عرب امارات جي صدر ملاقات ۾ وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وز??را??ظم سان گڏ هئا.