اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي بچت کي فراڊ سان متاثر ٿيل عورت کي 12 لک رپيا منافعي سان گڏ واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي وف??قي محتسب جي فيصل?? جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب راولپنڊ?? جي عورت شهر?? جي اڪائونٽ مان جعلي چيڪ بُڪ ذريعي 12 لک رپيا ڪڍرايا ويا هئا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ معامل?? جي مناسب جاچ جي لاءِ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ۽ انڪوائري کانپوءِ فرا?? جي معاملي ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي. تفصيل موجب عابده رفعت (شڪايت ڪندڙ) وف??قي محتسب کي شڪايت ڪئي ته سندس قومي بچت راولپنڊي ۾ پينشنز بينيفيٽ اڪائونٽ هو، عورت کي 2021ع ۾ خبر پئي ته 2019ع ۾ سندس اڪائونٽ مان 12 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍيا ويا. رقم هڪ چيڪ بُڪ ذريعي ڪڍي وئي، جيڪو عورت کي ڪڏهن جاري نه ڪيو وي?? هو. عورت فرا?? جي ڇنڊڇاڻ ۽ رقم جي وصول?? جي لاءِ قومي بچت کي شڪايت داخل ڪرائي، معامل?? جي صحيح ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي ۽ عورت کي چيو وي?? ته اها ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي. عورت وف??قي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن قومي بچت کي معاملو ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو چيو. قومي بچت معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ بدران صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صدر وف??قي محتسب جي فيصل?? جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر وف??قي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته قومي بچت پنهنجي ئي خط ۾ اعتراف ڪيو ته جعلي ٽرانزيڪشن جي ذريعي اڪائونٽ مان 12 لک ڪڍرايا ويا، قومي بچت جي اندروني انڪوائري دوران آفيسر بيان ڏنو ته رقم کي گن مين ۽ ڪيشيئر جي ذريعي دوکيبازي سان ڪڍيو وي??. ص??ر چيو ته قومي بچت ڄاڻايل اهلڪارن کي انڪوائري ۾ شامل ئي نه ڪيو، ثابت ٿئي ٿو ته قومي بچت جي انڪوائري جو عمل شفاف نه ه??. ص??ر چيو ته قومي بچت جو معاملو ايف آءِ اي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ بنا جواز آهي، وف??قي محتسب صحيح نشاندهي ڪئي ته معامل?? جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته قومي بچت 30 ڏينهن ۾ محتسب کي تعميل جي رپورٽ پيش ڪري.