اسلام آباد-23 نومبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان پيشيوراڻي فني تربيت جي شعبي ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي سفير اولانبيڪ ٽوٽيي جي ??يادت ۾ اعليٰ اختياراتي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي وزير مدد علي سنڌي ڪرغزستان جي ??فد جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ ثقافت، لساني ۽ عوام وچ ۾ هڪ ٻئي سان محبت رکن ٿا، هن ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي ??ٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي ??اکاڻ ڪئي. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن عهدو سنڀاليو آهي استادن جي تربيت ۽ تعليم جي ??عيا?? کي اولين ترجيح ڏني وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان کي پنهنجي ??طرفي لاڳاپن خاص ڪري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي ??ٽاسٽا ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي ??و. هن عوامي تعليم جي شعبي ۾ مروجه مسئلن جو ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت جي ذريعي تيار ڪيل اي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان سدائين مسلمان ملڪن سان تعاون ڪيو آهي ۽ ڪرغزستان سان ٻطرفي ?? گهڻ رخي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزي?? کي ٻڌايو ويو ته ڪرغزستان ۾ 11 هزار پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، هن چيو ته ان طرح جي ??ٽاسٽا سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا، اسان کي اي سي او جهڙن گهڻ رخي پليٽ فارمز تي به تعاون طرف ڏسڻ گهرجي. وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي ڪرغزستان ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. هن اهڙن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جو سڀ کان اهم اثاثو آهن ۽ کين هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جمهوريه ڪرغزستان جي سفير چيو ته ڪرغزستان جي عوام جي ??اڪستان سان گهري وابستگي آهي، يونيورسٽي کان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪينڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن وفاقي وزي?? کي ڪرغزستان ۾ استعمال ٿيندڙ ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارم جي باري ۾ به ٻڌايو جنهن جا بهترين نتيجا نڪتا آهن. مدد علي سنڌي چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارت جي ??ٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن ٻين جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي. مدد علي سنڌي پاڪستان جي تعليمي نظام کي جديد بڻائڻ ۾ موجوده حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير سفير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۽ ادب هڪجهڙو آهي.