اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جنگين ۽ تڪرارن جي نتيجي ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل عام کي روڪڻ ۽ انسانيت کي دنيا جي طاقتورن جي تشدد کان بچائڻ جي لاءِ هڪ گڏيل ??وقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته عالمي برادري غزه ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي اهتمام هيٺ سالياني مارگلا ڊائيلاگ 2023ع کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪارن ۽ دانشورن سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته عقل جي طاقت کي انهن پرتشدد طاقتن تي فوقيت حاصل هجڻ گهرجي جيڪي انسانيت ۽ انصاف جي روح کي ختم ڪن ٿيون. صدر چي?? ته دنيا ۾ مفاد انسانيت تي غالب آهن، جتي ماڻه?? کي غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻائڻ معمول بڻجي ويو آهي. هن چي?? ته جنگ ڪنهن به تڪرار جو حل نه آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته جنگ جي خاتمي جي خلاف ويٽو جو حق استعمال ڪرڻ لاڳاپيل ??لڪن جي اخلاقي معيارن تي سواليه نشانو لڳائي ٿو. صدر چي?? ته غزه ۾ اسرائيل ??اران فلسطينين جي وڏي پئماني تي قتل عام تي عالمي برادري جي فوري ڌيان جي ضرورت آهي. عالمي برادري کي گهرجي ته اها رتوڇاڻ کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چي?? ته اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جواز ۾ فلسطيني?? کي وحشياڻي قتل عام جو نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ وڏي پئماني تي فوتگي?? کي گڏيل ??قصان قرار ڏئي رهيو آهي. صدر چي?? ته ماضي ۾ يورپ ۾ جنگ سان ٿيندڙ فوتگين کانپوءِ دنيا امن معاهدي جي لاءِ ۽ بعد ۾ ليڪ آف دي نيشنز ۽ گڏيل ??ومن جهڙا ادارا معرض وجود ۾ آيا. انهن تڪرار?? کي وڌائڻ ۽ جنگي?? کي روڪڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار جي لاءِ امن قدم کڻڻ ۾ گڏيل ??ومن جي ڪردار تي زور ڏنو. صدر چي?? ته تڪرارن سان گڏوگڏ دنيا کي ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت، منفي سماجي بيانيي، دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ غيرمطمئن انسانن سان لاڳاپيل ڪيترائي خطرا درپيش آهن. هن چي?? ته انهن چئلينجن جي حقيقت پسنداڻي حل جي لاءِ عالمي تعاون جي ضرورت آهي جنهن جي لاءِ قابل عمل نظام?? کي اختيار ڪرڻ ۽ اخلاقيات کي نقطه نظر ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ (آءِ پي آر آءِ) جي صدر ڊاڪٽر رضا محمد ان موقعي تي خطاب ڪندي چي?? ته دنيا قدرتي ۽ انساني آفتن جي ور چڙهيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته انسانيت کي لاحق خطرن کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل ??وقف اختيار ڪيو وڃي. هن تڪرارن جي حل، معيشت ۽ موسمياتي تبديلين تي عالمي ڌيان جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اسرائيل جي وحشياڻي ڪاررواين جو نشانو بڻجندڙ فلسطينين جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي.