دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي 28 هين ??انفرنس آف پارٽيز جي لاءِ قائم ڪيل پاڪستان پويلين جو دورو ڪيو. نگر??ن وزيراعظم کي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي لاءِ ڳالهين ۽ سهولتڪاري جي حوالي سان پاڪستان پاران ٿيندڙ ڪوششن بابت ٻڌايو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم کي ”ليونگ انڊس انيشي ايٽو“ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي جيڪو سنڌو درياءَ جي قدرتي وهڪري ۽ ماحولياتي لاهن چاڙهن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت جي بحالي جي لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. نگر??ن وزيراعظم پويلين ۾ پاڪستاني موسمياتي ماهرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان انهن جي ڪوششن کي ساراهيو. پرڏيهي معاملن ۽ موسمياتي تبديلي وارا نگر??ن وفاقي وزير ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير پڻ نگر??ن وزيراعظم سان گڏ هئا.