اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تي?? ۽ پائيدار ملڪي ترقي جي لاءِ فڪري ۽ تعليمي ترقي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگرد هنرمندي، آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم مان ڀرپور فائدو کڻن، شاگرد انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين. هو بلوچستان ريزيڊنشل ڪاليج لورالائي جي تعليمي دوري تي آيل شاگردن جي وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائي رهي?? هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ انساني وسيلن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، بلوچستان جي انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان سا?? ئي تي?? رفتار ترقي ممڪن آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو هر شعبي ۾ استعمال وڌي رهيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ سا?? پاڪستان مختصر مدي ۾ معاشي ترقي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلوچستان جا شاگرد محنت ۽ لگن سا?? علم حاصل ڪن، شاگرد نصاب کانسواءِ ڪتاب پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين، ماضي ۾ علم حاصل ڪرڻ مشڪل هو، جديد ٽيڪنالاجي سا?? علم تائين پهچ وڌي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بلوچستان قدرتي وسيلن جي دولت سا?? مالامال آهي، ترقي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفد صدر کي بلوچستان جي تعليمي شعبي ۾ ڪاليج جي خدمتن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ڪاليج جا فارغ ٿيندڙ سوين شاگرد طب، انجنيئرنگ، سول سروس، دفاع، قانون ۽ ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. صدر بلوچستان ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو.