اس??ام آباد- 18 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان ناليواري ثقاف??ي ۽ ترقياتي تنظيم سورميون ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. تنظيم جي ميمبرن ثقافت کي هٿي ۽ عورتن کي با اختيار بنائڻ ۾ اهم ڪردار تي وفاقي وزير ج?? ٿورو مڃيو. ان موقعي تي تعليم واري وزير معاشي ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ جي تنظيم جي عزم کي ساراهيو. وفاقي وزير سورميو?? جي ڪردار جي تعريف ڪئي جيڪا معاشريءَ جي بهتري لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سورميو?? جي نمائندا گلناز شيخ، ندا ديو، شبانه سليم، پارس فاروق، عابده راز ۽ نجمه چانڊيو به موجود هيون. ملاقات ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ موسمياتي تبديلي ۾ صنفي ڪردار تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته تنظيم پنهنجي مشن کي اڳتي وڌائڻ ۽ قوم جي ثقاف??ي ۽ سماجي رابطن ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان سهڪار لاءِ تيار آهي.