اسلام آباد- 10 جنوري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وف??قي وزير مدد علي سنڌي خاطري ڪرائي آهي ته ڊيلي ويجز ملازمن جا مئسلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. تعليم واري وزارت مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق هن اها خاطري ڊيلي ويجز ملازمن جي وفد سان ملاقات دوران ڪرائي. وف??قي وزير چيو ته ڪابينه 227 ڊيلي ويجز ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جي به منظور ڏني آهي. هن چيو ته ??نه?? ڊيلي ويجز ملازمن ايف پي ايس س?? جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، ان ڪري ??نه?? کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ريگيولر ڪيو ويندو، جنهن کي سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو آهي. هن چيو ته استاد قومن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ ??نه?? ک?? هر طرح جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجو ڪم چڱيءَ ريت انجام ڏئي سگهن. هن سرڪاري شعبي خاص ڪري وف??قي گاديءَ واري شهر ۾ تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ جي پنه??جي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ به اولين ترجيح آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ان انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.