اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي. آئيسڪو حاجي اختر رحيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪري غيرمنصفاڻي ??ور تي بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ??نگ موجب حاجي اختر رحيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪنيڪشن جي لاءِ آئيسڪو کي درخواست ڏني هئي، شڪايت ڪندڙ کي لاڳاپيل سامان جي قيمت سميت 305656 رپين جو ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪ??ن لڳائڻ بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪري اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو. شهري ڊيمانڊ نوٽيس ??اپس وٺڻ جي لاءِ آئيسڪو سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري شڪايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آئيسڪو محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئ??. ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ صدر آئيسڪو کي رقم واپسي جي هدايت ڪئ??. صدر چيو ته آئيسڪو 30 ڏينهن جي اندر بجلي ڪنيڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طريقيڪار جي خلاف ورزي ڪئ??، آئيسڪو 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪ??ن لڳائڻ جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن جي دير ٿي، آئيسڪو شڪايت ڪندڙ کي اضافي ڊيمانڊ نوٽيس ??وڪليو، جڏهن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪري چڪو هو. هن چيو ته آئيسڪو صارفين کي خدمتن جي فراهمي جي خلاف ورزي ڪئ??، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ نوٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪري ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ نوٽيس ??ه ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني ??ور تي پائيدار آهي. صدر آئيسڪو جي درخواست کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.