اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ??اڪ??تاني نوجوان اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن جي شموليت ۽ تعاون کانسواءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي. هو ??اڪ??تان نيشنل يوٿ ڪنوينشن 2024ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فوج جو سربراهه جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ??اڪ??تاني قوم دهشتگردي جي لعنت جو جرئت ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ لازوال قربانيون ڏنيون، پاڪ فوج پوري لگن ۽ پيشيواراڻي مهارت سان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي. هن چيو ته ??اڪ??تان جي ذميوار شهري هجڻ جي ناطي اسان کي ??اڪ??تان جي خلاف ??اڪ??تان جي دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ??اڪ??تاني نوجوان قومي سلامتي جي ان اڀرندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ان چئلينج تي ان ئي وقت ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن نوجوان، دشمنن جي ڦهلايل پروپئگنڊه کي رد ڪري رياست پاران فراهم ڪ??ل مستنند معلومات تي دارومدار ڪ??.