اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پوري قوم ڪوويڊ 19 جي وبا دوران پنهنجي گڏيل ڪوششن سان دنيا ۾ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، اهڙي طرح جي اتحاد جو مظاهرو تعليم، صحت ۽ اقتصادي شعبي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لازمي آهي. هو راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) جي اهتمام هيٺ نيشنل هيلٿ سمٽ کي خطاب ڪري ??هيو هو. صدر چيو ته ڪوويڊ 19 جي وبا دوران جڏهن سڄي دنيا ۾ اها وبا ڦهلجي رهي هئي، پاڪستان ان کان بچڻ جي لاءِ دنيا جو ٽيون بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪ بڻجي اڀريو. اهو سڀ ڪجهه ماڻهن ۽ سمورين ڌرين جي گڏيل ڪوششن ۽ تعاون جي ڪري ممڪن ٿيو جن وبائي مرض جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي ڪوششن ۾ اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ان ڪاميابي مستقبل جي لاءِ هڪ رستو تيار ڪيو آهي جيڪو موجوده چئلينجن ??ي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان جي ڪوششن ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ??گهي ٿو. جسماني صفائي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اسلام?? تعليم مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ذاتي صحت جي سارنڀال جو تعلق روحاني پاڪيزگي سان آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو احتياطي عادتُون بشمول ڏندن کي باقاعدگي سان برش ڪرڻ جي عادت وجهن ته ڏندن جون اٽڪل 90 سيڪڙو بيماريون ٺيڪ ٿي سگهن ٿيون. صدر سمورين ڌرين ۽ ڪاروباري ??رادري ??ي زور ڏنو ته اهي ذهني دٻاءُ ۽ آبادي ۾ اضافي سميت صحت سان لاڳاپيل مسئلن بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 60 لک ٻارن ج?? اسڪول نه وڃڻ جي سنگين مسئلي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي ۽ انهن ٻارن ک?? تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ مسجدن ک?? استعمال ڪري ??گهجي ٿو. صدر بنگلاديش، ڀارت ۽ سريلنڪا جو ذڪر ڪيو جتي ٻارن ۾ خواندگي جي شرح پاڪستان کان وڌيڪ آهي. هن چين جو به حوالو ڏنو جنهن صحت ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏئي اٽڪل 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته رياست رستو ڏيکاري ??گهي ٿي پر اها معاشري ??ي سمورين ڌرين جي ذميواري ??هي ته اه?? تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ذميواري ??ي حصيداري ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ت??جيحن ۽ پاليسين جي ت??لسل تي ڌيان ڏيڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ چيو ته ان ۾ عوام جي شموليت ضروري ??هي. هن چيو ته ملڪ ۾ صوبائي حڪومتون پنهنجي مخصوص بجيٽ مان رڳو 25 کان 30 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪن ٿيون جيڪو ان شعبي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪافي نه آهي. آبادي ۾ اضافي جو ذڪر ڪندي هن ”ڊيموگرافڪ تبديلي“ تي زور ڏنو جنهن ۾ معاشري ??ا سمورا طبقا ان معاملي جي اهميت کي سمجهي سگهن ٿا. هن چيو ته ملڪ ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي مختلف سببن جي ڪري ??هني دٻاءُ جو شڪار آهي جنهن جو جامع طور تي ازالو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٻارن جي خلاف جنسي ڏوهن ۽ منشيات ج?? استعمال بابت مختلف ذريعن کان آگاهي پيدا ڪرڻ گهرجي. صدر اخلاقيات تي ٻڌل اصولن تي زور ڏنو ۽ دولت جي ورڇ ۽ وسيلن کي ڪجهه ماڻهن وٽ جمع ڪرڻ ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. ان کان اڳ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي صدر ثاقب رفيق چيو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پهريون ملڪي سربراهه آهي جنهن چيمبر جي عمارت جو دورو ڪيو ۽ واپاري ??رادري ??ي عوام جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن ۾ شموليت تي حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته اٽڪل 90 سيڪڙو ماڻهو ڏندن جي مهانگي علاج کي برداشت نه ٿا ڪري ??گهن. هن چيو ته ڏندن بابت بيمارين سان رڳو ڏندن جي مناسب سارسنڀال ڪري ??ي بچي سگهجي ٿو.