ڪوئيٽا-08 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي نگ??ان وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحست نسيم احمد خان خميس ڏينهن سي ايم ايڇ اسپتال جو دورو ڪيو جتي هنن قلعه سيف الله ۽ پشين بم ڌماڪن ۾ زخمي ماڻهن جي ع??ادت ڪئي، نگ??ان وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر علاج هيٺ ??اڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، بعد ۾ نگ??ان وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ۾ قائم هڪ پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪيو ۽ پولنگ اسٽاف ۽ ووٽرن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ٻنهي ع??ديدارن پا??ان چونڊن لاءِ ڪيل سيڪيورٽي ان??ظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.