اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ملاقات ڪئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقا?? ۾ ??تحده قومي موومينٽ جا اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال پڻ مو??ود هئا. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر ۽ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻن نگران وزيراعظم جي قياد?? ۾ ??گران حڪوم?? جي مل?? جي معاشي استحڪام جي لاءِ قدمن تي نگران وزيراعظم کي خر??ج تحسين پيش ڪيو.