اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز ??ريف پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت سمورن منصوبن تي وقت سر ۽ موثر عملدرآمد جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ اسان چين جي وزارتن ۽ ادارن جي مدد تي ٿورائتا آهيون، ملڪ مان توانائي جي کوٽ ج?? خاتمو ڪر?? حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه پاور ڪنسٽرڪشن ڪارپوريشن آف چائنا جي چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۽ صدر يان زي ان?? سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيني وفد جي آجي??ن ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل لازوال دوستي قائم آهي.