اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۽ حوالا هنڊي جي روڪٿام جي سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي، وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، احتساب واري خصوصي ??ع??ون مرزا شهزاد اڪبر، سياسي معاملن واري خصوصي ??ع??ون نعيم الحق، ناڻي واري سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڪامرس واري سيڪريٽري، اٽارني جنرل، اسٽيٽ بئن?? جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين، ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.