لاهو?? – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته تيزي سان بدلجندڙ دنيا سوشل ميڊيا جي اهميت کي پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائ?? حڪومتون سوشل ميڊيا کي هڪ موثر ميڊيم جي طور تي استعمال ڪرڻ جي غرض سان جامع پاليسي جوڙين. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ سان گڏ وفاقي ۽ صوبائ?? حڪومتن جي بهتر حڪمت عملي جوڙڻ جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري ر??ي هئي، اجلاس ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ، پيمرا، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي)، ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي ۽ ڊي جي پي آر جي آفيسرن شرڪت ڪئي.